انور اقبال بلوچ

انور اقبال بلوچ

انور اقبال بلوچ

انور اقبال بلوچ: پاڪستان ٽيليويزن جو مشھور اداڪار ۽ ڊائريڪٽر اقبال بلوچ پنھنجي والدين جو اڪيلو پٽ هو. سندس والد حاجي محمد اقبال بلوچ مسلم ليگ ڪراچيءَ جو صدر هو. انور اقبال جو جنم 25 ڊسمبر 1949 تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي اداڪاريءَ جي شوق ۾ هن شيڪسپيئر پڙهي ڪيترن ئي ٿيٽر ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. کيس پي. ٽي. وي جي مشھور ڊرامن ”شمع“ ۽ ”آخري چٽان“ سبب تمام گهڻي شھرت ملي. ان کانسواءِ هن ڪيترن ئي اردو ۽ سنڌي ڊرامن ۾ پڻ اداڪاري ڪئي. شمشيرالحيدري جي لکيل ڊرامي ”دوست پيھي در آيو“ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انور اقبال ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم اي جي ڊگري حاصل ڪري پروڊڪشن سان پنھنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. 1975ع ۾ پھرين بلوچي فلم ”حمل و ماهه گنج“۾ بطور هيرو اداڪاري پڻ ڪئي. هن فلم جي ڪھاڻي مشھور شاعر سيد ظھور شاهه هاشمي لکي، پر فلم ڪن اعتراضن سبب 1975ع ۾ رليز نه ٿي سگهي. 42 سالن کانپوءِ 28 فيبروري 2017ع تي هي فلم آرٽس ڪائونسل ڪراچي طرفان رليز ڪئي وئي. اداڪاري سان گڏ هو هڪ خانگي اسڪول ۾ استاد پڻ رهيو. انور اقبال ڪيسنر جي مرض سبب پھرين جولاءِ 2021ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي ۽ ميوه شاهه قبرستان ۾ آرامي ٿيو. کيس چئن ڌيئرن جو اولاد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.12.25  عيسوي

انور اقبال جو جنم 25 ڊسمبر 1949 تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو.


2021.07.01  عيسوي

انور اقبال ڪيسنر جي مرض سبب پھرين جولاءِ 2021ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي ۽ ميوه شاهه قبرستان ۾ آرامي ٿيو. کيس چئن ڌيئرن جو اولاد آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خواجه خيرالدين
ديوان محمد اقبال
ٽالپر مير شير محمد خان
الھبچايو راھوڪڙو
اڏيرو لال
بشير مورياڻي
ڏاهري غلام قادر
پارو خان ڪوري
امداد علي
جسو ۽ جسراج
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون